دلور جا دڙا

دلور جا دڙا

دلور جا دڙا

دلور جا دڙا: هي قديم آثار تعلقي سنجھوري، ضلعي سانگهڙ جي ديهه 42 ۾ ٽنڊي آدم جھول روڊ تي، ٽنڊي آدم کان اٽڪل 10 ميل اوڀر طرف جمڙائو ڪئنال جي کاٻي ڪپ تي موجود آهن. عام طرح مقامي ماڻهو هنن آثارن کي ’دلور جا دڙا‘ ڪري سڏيندا آهن. هتي موجود ڪنهن وڏي شهر جي تباهيءَ جو سبب ان وقت جي حاڪم راجا دلوراءِ جي ظلمن ۽ سندس بزرگ ڀاءُ ڇٽي امراڻي جي ڏنل پاراتي کي سمجھيو ويندو آهي. هن قسم جي روايت نه صرف هتي، پر سنڌ جي ٻين به ڪيترن ڦٽل شهرن لاءِ مشهور آهي.
1954ع ۾ مسٽر اي- ايف بيلاسس ۽ سي. ڊبليو رچرڊسن هنن قديم آثارن تي اچي ڪجهه جاين تي کوٽائي ڪئي، سندن خيال موجب هي آثار قديم شهر برهمڻ آباد جا آهن، جيڪو قلعي بند هو. هي هڪ واپاري شهر هو، جنهن ۾ مختلف قسمن جا دڪان ۽ فوجن جي رهڻ جون بيرڪون هيون، شهر اٽڪل چئن ميلن ۾ پکڙيل هو. برهمڻ آباد کان ڏيڍ ميل تي هتي جي آخري بادشاهه دلوراءِ جي رهائش هئي. پنج ميل وڌيڪ اوڀر طرف ڏيپر گھانگھري ۾ وزيراعظم رهندو هو. 1871ع ۾ اليگزينڊر ڪننگھام به هن جاءِ تي برهمڻ آباد ۽ منصوره جي هجڻ جو حامي آهي، جيڪي ڌرتي ڌٻڻ سبب تباهه ٿي ويا. 1884ع ۾ جنرل ايم. آر. هيگ دلور جي دڙن کي عربن جو آباد ڪيل شهر منصوره قرار ڏنو آهي. (ڏسو: منصوره)


لفظ دلور جا دڙاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو